پير ڇٽل مسجد ۽ مقبرو

پير ڇٽـل مسجـد ۽ مقبـرو: هـي ٺـٽـي جـو مـاڳ 270 36' 30" اتـر ۽ 690 40' 10" اوڀر ڊگھائي ڦاڪ وارين ڊگرين تي موجود آهي ۽ عربن جي دؤر جو چيو وڃي ٿو. مسجد ۽ مقبرو ھڪ ئي پليٽ فارم تي ٺھيل پڪسرا ۽ چن سان اوساريل آھن. ڏکڻ اتر ٻاھرين ڀت جي ماپ 6.5 ميٽر ۽ پليٽ فارم کان مٿي اوچائي ست ميٽر آھي. ڀت 90 سينٽي ميٽر ٿلھي آھي. ڏکڻ ۾ مسجد سان مقبرو جڙيل آھي. مقبري ۾ ٻه قبرون آھن، جيڪي بلڪل وچ تي ٺھيل آھن. مقبري جي ماپ 3.6x3.60 ميٽر آھي. مقبري جا منـارا ۽ گنبـذ ڪافي ننڍا آھن ۽ ونگاس ۾ سـادا آھـن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو